راڻيپور (ن پ ا) ھفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي 200 عرس مبارڪ جون تقريبون درگاھ جي سجاده نشين پير خواجه عبدالحق فاروقي جي ھدايت تي ڪورونا سبب تقريبن کي محدود ڪيو ويو، عرس جي موقعي تي روايت موجب علم پاڪ جي بيرڪ تبديل ڪئي وئي. سجاده نشين جي ڀائرن خواجا نظرالحق، خواجا نجم الحق، سخي قبول محمد (جونئير ) درگاھ جي مخصوص خليفن شرڪت ڪئي. لاڪ ڊائون سبب تقريب کي ڪجهه ماڻھن تائين محدود رکيو ويو. تقريب ۾ درگاھ جي احاطي ۾ موجود علم پاڪ جي بيرڪ تبديل وئي. ان موقعي تي صوفي فنڪارن رانجھن فقير ۽ بخشل فقير صوفي سنگ پيش ڪيو. وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڪورونا سبب سرڪاري توڙي غير سرڪاري تقريبون ملتوي ٿيل آھن جڏھن ته سجاده نشين پاران درگاھ جي عقيدت مندن ۽ مريدن کي پڻ ھن عرس تي گھرن ۾ رھڻ جي پڻ ھدايت ڪئي وئي آھي.عرس جي موقعي تي اڄ درگاھ کي غسل جي تقريب ٿيندي جنھن ۾ پڻ محدود رکيو ويو آھي.