اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب اسپتالن ۾ گنجائش لاڳيتو گهٽجڻ لڳي، آڪسيجن جي گهرج وڌڻ لڳي، اسلام آباد جي پمز اسپتالن ۾ آڪسيجن جو استعمال ٽيڻ تي وڌي ويو، هاءِ فلو آڪسيجن جا سمورا بيڊ ڀرجي ويا، گوجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو، ملتان ۾ 85، لاهور ۾ 84 ۽ مردان ۾ 60 سيڪڙو وينٽيليٽرز تي مريض علاج هيٺ آهن. ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سڀ وڌيڪ شرح ضلعي خيبر ۾ 83 سيڪڙو رهي، فيصل آباد ۾ 31، حيدرآباد ۾ 24، ملتان ۾ 23 ۽ لاهور ۾ 20 سيڪڙو رهي.