حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا وبا کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ حيدرآباد جي 18 علائقن ۾ لڳايل سمارٽ لاڪ ڊائون تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پوليس لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ رڳو ڪنڊيدار تارون لڳائي پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي، سمارٽ لاڪ ڊائون جي اڪثر علائقن ۾ پوليس اهلڪار به نظر نه آيا، ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي روڪڻ لاءِ لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي 7 يونين ڪائونسلن ۽ ٻهراڙي تعلقي جي ٽنڊي ڄام جي ٻن علائقن سميت مجموعي طور 18 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. نوٽيفڪيشن تحت علائقن ۾ ڪالهه کان سمارٽ لاڪ ڊائون نافذ ٿيڻو هو پر انهن مان اڪثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون نافذ نه ٿي سگهيو. ڪجهه علائقن ۾ ڪنڊيدار تارن سان گڏ پوليس اهلڪار موجود هئا پر ان جي باوجود ماڻهن جي بنا ماسڪ جي اچ وڃ جاري هئي، جڏهن ته ڪاروباري سرگرميون به هلندڙ هيون، ان کانسواءِ انهن علائقن ۾ ٻين هنڌن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي آمد جو سلسلو به جاري هو. حسين آباد جي علائقي پٺاڻ ڳوٺ جي چئن گهٽين تي ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون هيون پر اتي ڪو به پوليس اهلڪار نظر نه آيو، سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪجهه علائقن ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي به ماسڪ پاتل نه هئا ۽ اهي هڪٻئي جي ڀرسان ڪرسيون رکي بنا سماجي وٿي جي ڪچهريون ڪندي نظر آيا. مختلف علائقن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ماڻهن ٻڌايو ته سندن علائقي ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ته ڪيو ويو ۽ ڪنڊيدار تارون لڳائي ڪجهه پوليس آفيسرن رائونڊ به ڏنا پر لاڪ ڊائون تي مڪمل طور عمل نه ڪرايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا جي وبا رڪجي نه سگهندي. ماڻهن جو اهو به خيال هو ته سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موجود هجڻ گهرجن ها جيڪي ماڻهن جي علاج سان گڏ کين ڪورونا جي وبا بابت آگاهي به ڏين ها پر ڪنهن به علائقي ۾ ڊاڪٽرن جي ڪا به ٽيم نظر نه آئي.