نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ڪوروناوائرس کي طوفان قرار ڏيندي تباهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي جڏهن ته آمريڪا ڀارت جي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ريڊيو تي قوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان پراعتماد هئاسين، اسان جا حوصلا بلند هئا خاص طور تي پهرين لهر کي ڪاميابي سان منهن ڏيڻ کانپوءِ پر هن طوفان قوم کي لوڏي ڇڏيو آهي. هوڏانهن جرمني ۽ آمريڪا ڀارت جي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي خاص طور تي آڪسيجن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪئي وئي آهي.