ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي مشهور ڪاروباري مرڪز بولٽن مارڪيٽ ۾ ڪسٽم عملدارن جي ڪارروائي، مزاحمت تي فائرنگ، 3 دڪاندار زخمي، ان ڏس ۾آچر واري رات جو ديرسان بولٽن مارڪيٽ جي ڇانٽي گهٽي ۾ ڪسٽم عملدارن ڪارروائي ڪئي. ذريعن موجب ڪسٽم عملدارن بولٽن مارڪيٽ پهچي بند دڪانن ۽ گدامن جا تالا ٽوڙي اسمگل ٿيل شين جي ڳولا شروع ڪئي، جنهن تي دڪانن جا مالڪ ۽ ٻيا واپاري پهچي ويا، انهي دوران دڪاندارن ۽ ڪسٽم عملدارن ۾ جهيڙو ٿيو، مزاحمت تي ڪسٽم عملدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شفيق الرحمان، عين الدين ۽ يوسف زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي خلاف سوين دڪاندارن مظاهرو ڪيو، جنهن بعد پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو، ان موقعي تي متاثر دڪاندارن جو چوڻ هو ته ڪسٽم عملدارن رڻ ٻاري ڏنو آهي هي بنا اطلاع جي رات جي وقت پهچي اسان جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان کڻي وڃن ٿا، هنن چيو ته ڪارروائي کان اڳ حد جي کارادر ٿاڻي کي به آگاهه نه ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڪسٽم عملدارن ٻڌايو ته اسمگل ٿيل سامان جي ڳولا ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، واپارين سهڪار ڪرڻ بجاءِ مزاحمت ڪئي،