اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سرڪاري حج اسڪيم تحت حج لاءِ درخواستون ڏيندڙن جي اڄ  5 اپريل تي ٿيندڙ قرعه اندازي ملتوي ڪئي وئي آهي، نئين تاريخ جو بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو، مذهبي مامرن جي وزارت جي ترجمان ٻڌايو آهي ته سرڪاري حج اسڪيم تحت حج لاءِ درخواستون ڏيندڙ درخواستن جي اڄ 5 اپريل تي قرعه اندازي رٿيل هئي، جنهن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته 2023ع جي حج لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي قرعه اندازي ٿيڻي آهي.