لاهور (م ڊ) پ پ پاران پنجاب ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پارٽي جي سينئر اڳواڻ فريال ٽالپر سينٽرل پنجاب جي سمورن ڊويزن جو زوم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان لاهور اربن ۽ رورل، ساهيوال، گوجرانوالا، سرگوڌا، فيصل آباد ۽ راولپنڊي ڊويزن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ صدرن ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊ تيارين تي آگاهي ڏيندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ سينٽرل پنجاب جي 202 چونڊ تڪن جي اميدوارن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي 8 آڪٽوبر تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي صوبائي اسيمبلي ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.