واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي گرفتار ڪيو ويو، ميڊيا رپورٽس موجب اڳوڻو صدر ٽرمپ فلوريڊا کان نيويارڪ پهتو، جتي هن پاڻ کي اختيارين حوالي ڪيو، اڳوڻي صدر ٽرمپ تي 2016ع ۾ اليڪشن مهم دوران ادڪاره کي ڳجهي ريت پئسا ڏيڻ جو الزام آهي، اڳوڻي صدر ٽرمپ کي هيٽن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ٻاهران ٽرمپ جا حامي ۽ مخالف موجود رهيا، سيڪيورٽي جا به انتظام سخت ڪيا ويا. عدالت ۾ اڳوڻي صدر تي لڳل فرد جرم ان سيل ڪيو ويو، اڳوڻي صدر ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٽرمپ ڪاروباري رڪارڊ لڪائڻ جي 34 الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اڳوڻي صدر ٽرمپ چيو ته يقين نه اچي رهيو آهي ته آمريڪا ۾ هي سڀ ڪجهه ي رهيو آهي،