ميرپورماٿيلو: ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻنھي ڄڻن جا لاش رات دير سان وارث عورتن حوالي ڪيا ويا. مارجي ويل حاڪم شر جي ڀيڻ حسينه شر ۽ چاچي پري شر ٻنھي ڄڻن جا لاش وصول ڪيا. وارث عورتن جو چوڻ ھو پوليس ٻنھي نوجوانن کي دوکي سان گھرائي قتل ڪيو. هوڏانهن آغو شر جي ڀاءُ محب شر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايس ايچ او آندل سندراڻي انور شر ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل وڏي ڀاءُ ايوب شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آغو شر کي پوليس چوڪي تي گهرائي قتل ڪرڻ بعد پوليس مقابلو ڄاڻايو آهي.