ميرپورماٿيلو: رائونتي ويجهو مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل حاڪو شر ۽ آغو شر مٿان ٻيلو ميرپور ٿاڻي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. مارجي ويل حاڪم عرف حاڪو شر ۽ اڻ ڄاتل ڏوھاري مٿان ايس ايچ او اي سيڪشن گھوٽڪي ايوب ڊوگر جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته  ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلو ٿيو. جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا.