گھوٽڪي/ ميرپورماٿيلو (رپورٽ: ماجد سنگهڙ/ برڪت ميراڻي) ٻيلو ميرپور پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻن ڏوھارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ايس ايس پي گھوٽڪيءَ جي ترجمان موجب ٻيلو ميرپور پوليس معمول جي گشت تي ھئي ته ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار موقعي تي مارجي ويا. واقعي بعد لاش ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا. ٻنھي ڏوھارين جي سڃاڻپ حاڪم عرف حاڪو شر ۽ آغو شر طور ٿي آهي. ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته مارجي ويل حاڪم شر بدنام ڏوھاري آھي، سندس مٿان 50 لک رپيا انعام جي سفارش ٿيل ھئي. مارجي ويل ٻيو ڏوھاري آغو شر سندس ساٿي آھي. رائونتيءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي. پوليس جي بغير ڪنھن نقصان جي ٻه ڌاڙيل ماريا آهن. ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ايس ايس پي موجب گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ڪچي وارن علائقن مان ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آپريشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هن عام ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش نه ڪيو وڃي. اهي ڏوهاري آهن، پوليس ساڻن مقابلو ڪندي، شهادتون اسان جو ڏاج آهن.