ڪراچي (م ڊ) عمران خان جي اڳوڻي دوست جهانگير ترين پاران قومي سطح تي نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو سامهون آيو آهي، ذريعن موجب جهانگير ترين پاران قومي سطح تي نئين سياسي پارٽي ٺاهي ويندي جنهن جو جهانگير ترين پاڻ پيٽرن اِن چيف هوندو . ذريعن موجب نئين سياسي پارٽي ۾ ترين گروپ کانسواءِ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ناراض اڳواڻن جي شموليت جو امڪان آهي. ڊي جي خان، راجنپور، مظفر ڳڙهه ، وهاڙي، لوڌران، ملتان جي سياسي خاندان جي ان پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي. ذريعن موجب ڪراچي سوڌو سنڌ جي ٻين شهرن مان به اهم سياسي شخصيتن جو نئين پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي. جهانگير ترين پاران نئين پارٽي ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان جي به اهم اڳواڻن جا به ساڻس رابطا جاري آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ حقيقي جي ڪا خاص اهميت ناهي، جهانگير ترين جيڪو اعلان ڪندو ته ان پارٽي جو اثر به هوندو ڇو ته ان ۾ اهي ماڻهو هوندا جيڪي چونڊجندا رهندا آهن. ذريعن موجب لاهور ۾ جهانگير ترين سان مختلف سياسي اڳواڻن جون ملاقاتون ٿيون آهن . جهانگير ترين پنجاب کانپوءِ ڪي پي ۾ رابطا ڪندو ڪيترائي سياسي ماڻهو ٽوڙي سگهي ٿو . عون چوڌري به اها ڳالهه چئي چڪو آهي ته جهانگير ترين سان ڪيترائي پي ٽي آءِ اڳواڻ رابطي ۾ آهن .