ميھڙ (رپورٽ عبدالرحمن قمبراڻي) ميھڙ جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ حاضري تي آيل ڪي اين شاهه لڳ ڇوڙ قمبر جا رھواسي کونھاري برادري جي ماڻھن ۾ جاري خوني تڪرار تان جوابدارن ڪورٽ جي احاطي ۾ فائرنگ ڪري ڏني، ٻن ڀائرن سميت 3 قيدي مارجي ويا، ھڪ پوليس اھلڪار سخت زخمي ٿي پيو. مارجي ويل قيدين جي سڃاڻپ خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي ڳوٺ ڇوڙ قمبر جي رھواسي ٻن ڀائرن زاھد، محبوب ۽  سندن سئوٽ ستار کونھارو طور ٿي.جوابدارن جي فائرنگ دوران دادو جيل مان قيدين کي عدالت کڻي ايندڙ پوليس اھلڪار مظھر زنئور زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ھوڏانھن فائرنگ سبب ڪورٽ ۾ موجود ماڻھن، وڪيلن توڙي عملي ۾ ڀاڄ پئجي وئي،  ڪيترائي ڪلاڪ لاش واقعي واري ھنڌ پيل ھئا،  جوابدار اشرف، ضمير ۽ ستار کونھارو ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.جوابدارن جو چوڻ ھو ته 2020 ۾ زميني تڪرار تان مارجي ويل ٽنهي ڄڻن اسان جي 2 ڄڻن حاجي نظير ۽ مختيار کونھارو کي قتل ڪيو ھو، پلاند ۾ حاضري تي آيل ٻن ڀائرن ۽ سندن ھڪ سئوٽ کي قتل ڪيو آھي. هوڏانهن ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو غفلت جي الزام ۾ڪورٽ جي گيٽ وٽ مقرر ھڪ ايس آءِ ذوالفقار سولنگي، ٻن پوليس اھلڪارن غلام فريد ۽ عمران کي معطل ڪري ڪوارٽر گھاٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ايس ايس پي دادو ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪندي وڌيڪ 6 نوان پوليس اھلڪار ۽ 2 ليڊيز پوليس اھلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آھن.