حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حسين آباد ٿاڻي جي حد مير فتح ڪالوني ۾ گهٽي ۾ بيهڻ کان منع ڪرڻ تي جهيڙي  دوران گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا سرفراز عرف جاني سنجراڻي، غلام قادر رند، عرس چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ علي محمد زخمي ٿيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي، زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سهندي سرفرازعرف جاني سنجراڻي فوت ٿيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، سرفراز عرف جاني سنجراڻي جي قتل جو ڪيس انهن 4 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو، پوليس موجب ڪيس ۾ مقتول جي ڀاءِ اسرار سنجراڻي ڄاڻايو ته ڀاءُ مير فتح ڪالوني ۾ پنهنجي دوست اسحاق ڳهيلجو سان ملڻ وياسين جتي گلزار سولنگي سندس ڀاءِ گلبهار سولنگي ۽ عرس چانڊيو هٿيارن سان پهتا ۽ کين چيو ته اوهان اسان جي گهٽي ۾ ڇو ويٺا آهيو فريادي موجب جنهن بعد شمس الدين ڀنگر نالي شخص به پهتو جنهن جي بڇ تي جوابدارن هم صلاح تي اسان تي فائرنگ ڪئي جنهن دوران ڀاءِ سرفراز عرف جاني سنجراڻي ۽ غلام قادر رند زخمي ٿيا ٻنهي کي علاج لاءِ انهن اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس ڀاءِ فوت ٿي ويو. واضح رهي ته فائرنگ ۾ مارجي ويل سرفراز عرف جاني سنجراڻي مقتول بلال ڪاڪا قتل ڪيس جو اهم گواهه به هو پر ڊي ايس پي غلام شبير سرڪي دعوي ڪئي ته في الحال ان معاملي کي پراڻي واقعي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه جاچ ۾ واضح ٿيندي, هوڏانهن حسين آباد پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد ٻنهي ڀائرن سميت چئني جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انهن ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن حسين آباد پوليس اهو به ٻڌايو ته ڄاڻايل واقعي جو ٻيو ڪيس سولنگي ڌر جي ماڻهن پاران به داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ انهن ڄاڻايو آهي ته پاڙي ۾ رهائش پذير ماڻهن مختلف علائقن مان پنهنجا دوست گهرائي مٿن حملو ڪيو جنهن دوران 2 ڄڻا زخمي ٿيا پر پوليس ڪيس بابت وڌيڪ تفصيل فراهم ڪرڻ کان لنوائي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس فائرنگ جي الزام هيٺ 3 ڄڻا گرفتار به ڪيا آهن پر في الحال سندن گرفتاري راز ۾ رکي آهي.