ڪراچي: جي ڊي اي اڳواڻ عرفان الله مروت چيو آهي ته عمران خان سياست جي نالي تي ملڪ کي نقصان پيو پهچائي، ادارن تي سندس الزام بي بنياد آهن، ڪالهه گورنر هائوس ۾ گورنر  جي موجودگي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آرمي چيف جيڪو به هجي، انهي جي مدي ۾ ڪڏهن به واڌ نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته عمران خان سان جي ڊي اي پنهنجو اتحاد ختم ڪري چڪو آهي.