ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي ( ڪي  ايم سي ) جي ايڊمنسٽريٽر وارو عهدو مرتضيٰ وهاب کان واپس وٺي متحده جي  انور معيد ، ريحان هاشمي يا وسيم اختر حوالي ڪرڻ جو امڪان، پ پ _ايم ڪيو ايم معاهدي تي عمل لاءِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو  ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو حتمي فيصلو ٿي ويو، ڪالهه سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري صحافين سان ملاقات بعد غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته هن گورنر طور حلف کڻڻ بعد ڪوشش ڪئي آهي ته  وفاق ۽ سنڌ  وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري،  هو ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪري پيو، ڪي فور منصوبي ۽ ڪي سي آر تي ڪم هلندڙ آهي، انهي حوالي سان هو وفاقي حڪومت سان ڳالهائي ڪم تيز ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ڪراچي جي موجوده ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏجي شهر جو دورو ڪندو،  هو ايس ڊي سي ايل کي فعال ڪرڻ لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪري پيو، هن چيو ته پ پ ايم ڪيو ايم  معاهدي تحت ڪراچي ۾ جلد ايم ڪيو ايم جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندو، هن چيو ته هو ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه ويندي بس ۾ لڳل باهه سبب سڙي فوت ٿيل برسات متاثر خاندان سان تعزيت لاءِ هو سندن ڳوٺ ويندو ۽ اتي امداد جو اعلان پڻ ڪندو، گورنر جو چوڻ هو ته هو پير پاڳاري سان ٻه ڀيرا ملاقات ڪري چڪو آهي، پير پاڳاري سان ذاتي لاڳاپا آهن، باقي ڪنهن به اتحاد يا سياست جي حوالي سان پير پاڳاري سان ڳالهه ناهي ٿي، هي وقت سياست نه پر ملڪ بچائڻ جو آهي، جنهن بابت پير پاڳاري جو موقف واضح  هو.