سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) تعليم کاتي سنڌ ۾ پي ايس ٽي، جي ايس ٽي استاد طور ڀرتي لاءِ آن لائين اپلائي ڪرڻ لاءِ مقرر تاريخ ختم ٿي وئي، مليل ڄاڻ موجب تعليم کاتي سنڌ ۾ 12 ھزار استادن جي ڀرتيءَ لاءِ 4 لک 98 ھزار 649 بيرزوگار اميدوارن فارم جمع ڪرايا آھن، آءِ بي اي ذميوارن موجب ڄاڻايل اميدوارن مان 3 لک 68 ھزار 480 اميدوارن طرفان بينڪ معرفت 700 رپين جو چالان جمع ڪرايو ويو آھي، جيڪا مجموعي طور رقم 25 ڪروڙ 69 لک 36 ھزار ٿئي ٿي. ڄاڻايل ڪروڙين رپين جي رقم بيروزگار نوجوانن طرفان فارم فيس چالان جي حساب سان جمع ڪرائي وئي آھي، اِن کان علاوه ڄاڻايل اميدوارن يونيورسٽيز توڙي بورڊز ۾ ڊگري سرٽيفڪيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪروڙين رپيا چالان جي مد ۾ جمع ڪرايا آھن، اِن کان سواءِ يونيورسٽيز توڙي بورڊز آفيسن جا ڪيترائي ڏينھن اميدوارن کي چڪر پڻ ڪاٽڻيا پيا ھوندا، ڪل ملائي بيروزگار اميدوارن روزگار جي حاصلات لاءِ وڏي محنت ۽ ڪوشش ڪئي آھي. ذريعن موجب وڏي انگ ۾ اميدوارن جا فارم رد پڻ ٿيا آھن، جڏھن ته اميدوارن جو ھڪ وڏو تعداد ڊگري سرٽيفڪيٽ نه ملڻ سبب رھجي ويو آھي. 12 ھزار پوسٽن تي لکين اميدوارن فارم ڀريا آھن، آءِ بي اي سکر ڄاڻايل اميدوارن کان ڀرتي لاءِ ٽيسٽ وٺندي، جنھن لاءِ ٽيسٽ جي تاريخ جو ھن وقت تائين اعلان ناھي ٿي سگھيو، آءِ بي اي ذميوارن موجب ٽيسٽ جي تاريخ رمضان المبارڪ جي مھيني کان پوءِ ڏني ويندي.