ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجھو انڊس هاءِ وي روڊ تي ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ 30 سالن جو نوجوان عباس کوسو روڊ تي ڪري ٽرڪ ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ھيٺ وٺي ڇڏيو.