ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور سول اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جي انچارج نوجوان ڊاڪٽر پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ڦاھو کائي ميبنا طور خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺ حاجي لشڪر خان جکراڻي جي رھواسي ڊاڪٽر قادر نواز جکراڻي جو پنهنجي گهر جي ڪمري مان ڳچي ۾ رسو ٻڌل لاش مليو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر قادر نواز جکراڻي ڪجھه ڏينهن کان پريشان هو، ٻي طرف اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد ڊاڪٽر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان ڊاڪٽر جي سئوٽ بقا محمد جکراڻي ٻڌايو ته سئوٽ گهريلو پريشانين سبب آپگهات ڪيو آهي.