ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) ننگرپارڪر ويجهو ٻن مختلف ڳوٺن ۾ نوجوان ۽ شادي شده ناري خودڪشي ڪري ڇڏي. خبر موجب ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ لنواري ۾ 25 ورهين جي نوجوان پونجو ولد ڏامون ٺڪر گهر وارن کان پيسا نه ملڻ تي ڪاوڙجي ڳوٺ ڀرسان ڄار جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اهڙو اطلاع ڏانو ڌانڌل پوليس کي ڏنو ويو. پوليس نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو. ٻئي پاسي ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاڙوڌرو ويجهو  مينھون جي ڍاڻيءَ ۾ 19 سالن جي شادي شده ناري گومتي زال سورج گھر ڀرسان وڻ ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻڌايو پيو وڃي ته ناريءَ جي 4 مھينا اڳ شادي ٿي ھئي. مڙس پاران والدين ڏانهن نه وٺي وڃڻ تان هن انتھائي قدم کنيو. اطلاع تي پوليس ناريءَ جو لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو.