اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان نينگر جون ٽنگون، ٻانهون ۽ جسم سُڪي ويو، معذور ٿيڻ بعد بستري ڀيڙو، ڊاڪٽرن پوليو جي تصديق ڪري ڇڏي. خبر موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميهاري بجير جي حجام پاڙي ۾ 10 ورهين جو معصوم نينگر بلال ولد جمن حجام ڄائي ڄم کان ڪمزور هجڻ بعد ڪجهه سالن کان پوءِ سندس ٽنگون، ٻانهون ۽ جسم سُڪي ويو. اهڙي صورتحال بعد ٻارڙو معذور ٿي بستري ڀيڙو ٿيل آهي. وارثن پاران وس آهر علاج ڪرائڻ جي باوجود ڪو فائدو ناهي ٿيو. والدين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن ٻارڙي کي پوليو هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. نينگر جي والد جمن حجام ٻُڌايو پٽ ڄائي ڄم کان ڪمزور هو. مقامي ڊاڪٽرن کان علاج به ڪرايو پر جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو، نيٺ نينگر جون ٽنگون،ٻانهون ۽ سڄو جسم سُڪي ويو. هاڻي هُو کٽ تي پيل آهي. ڊاڪٽرن موجب نينگر کي پوليو آهي، جنهن بعد اسان گهر اچي ويهي رهياسين. نينگر جي والدين سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته نينگر جو علاج ڪرائي کيس ويل چيئر فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هُو زندگي ڪجھه قدر بهتر نموني گذاري سگهي.