لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻن تي داخل ٿيندڙ ڪيسن جي جاچ جي سلسلي ۾ جي آءِ ٽي سربراهه سڀاڻي 11 وڳي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب جي آءِ ٽي طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻن حماد اظهر، فرخ حبيب، فواد چوڌري، اعجاز چوڌري، مسرت جمشيد چيمه کي طلب ڪيو ويو آهي. سمورن اڳواڻن کي سڀاڻي 11 وڳي سي سي پي او آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. سمورا پي ٽي آءِ اڳواڻ سڀاڻي جي آءِ ٽي کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندا. جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل 10 ڪيسن جي جاچ ڪري رهي آهي. ياد رهي ته پنجاب حڪومت ريس ڪورس شادمان ۽ سول لائن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ پوليس تي جاچ ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪيا هئا جن جي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي.