واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي رياست ڪينٽڪي ۾ آمريڪي فوج جا ٻه بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه ٿي ويا جنهن ۾ 9 فوجي مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو ڪينٽڪي جي ٽرگ ڪائونٽي ۾ ملٽرس بيس ويجهو پيش آيو، جتي معمول جي تربيتي اُڏام دوران ٻه بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيا، حادثي اٽڪل 9 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.