ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي ۾ تازو 19هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ ڪامورو ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ مقرر ٿي ويو آهي، اطلاعات کاتي ۾ 19هين گريڊ جي آفيسر فدا بالادي کي انفارميشن کاتي جي پلاننگ ونگ ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.