جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو گهريلو تڪرار تان نينگر قتل پيءُ زخمي خبر موجب جيڪب آباد جي  مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ دادپور جاگير ۾ جوابدار مينهون پٽ گل شير جکراڻي گهريلو تڪرار تان پنهنجي 15 ورهين جي سالي فاروق جکراڻي کي بندوق جو فائر ڪري قتل ۽ سهري مبارڪ جکراڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏني وئي ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار مينهون جکراڻي گهريلو تڪرار تان پنهنجي سالي کي قتل ۽ سهري کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن جڏهن نينگر جو مڙهه گهر پهتو ڪهرام مچي ويو هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.