پيرجوڳوٺ (ن پ ا) سال کن اڳ ڪراچيءَ ۾ پراسرار طور فوت ٿي ويل پير ڳوٺ واسي نوجوان جي ڀاءُ جي درخواست  تي قبر ڪشائي ڪرائي جزا ورتا ويا. پيرجوڳوٺ ويجهو ڳوٺ محمد حيات اڄڻ جو رھواسي نوجوان نيڪ محمد اڄڻ هڪ سال اڳ ڪراچيءَ ۾ پراسرار طور فوت ٿي ويو هو. وارثن شڪ ظاهر ڪيو ته کيس زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. فوتيءَ جي ڀاءُ دودو اڄڻ جي درخواست تي گذريل ڏينهن سول جج خيرپورجي نگرانيءَ هيٺ پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم درگاھ ڊرٻ ميهر شاھ واري قبرستان تي پهچي نوجوان نيڪ محمد اڄڻ جي قبر ڪشائي ڪرائي نوجوان جي جسم جا جزا ورتا. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ نوجوان جي مبينا قتل جو جرڳو پڻ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سھتا ڌرکي ڏوهي قرار ڏيندي 24 لک رپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي هئي.