همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ٿاڻي جي پوليس اهلڪار قمرالدين ڪاڪيپوٽو کي شڪارپور جيڪب آباد  روڊ تي کوهارا لاڙي وٽ ڊيوٽي دوران ڊرائيور ڪار جو ٽڪر هڻي ڀڄي ويو.اهلڪا ٿڏي تي فوت ٿي ويو.پوليس موجب 2 پوليس اهلڪار محرم ناپر ۽ قمرالدين ساگي روڊ جي پڪٽ تي ڊيوٽي ڏيندا هئا.قمرالدين گهر وڃڻ لاءِ ڪار کي هٿ ڏنو ته ڪار وارو کيس ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو، اهڙي واقعي جي جانچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن پوليس اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم بعد شڪارپور ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو.