جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ميونسپل عملي پاران صفائي نه ڪرڻ سبب شھر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، شھر جي مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن ۽ نالين جو گندو پاڻي روڊن تي ڪاھي پيو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي. ھوڏانھن مڇرن جي آزار باوجود مڇرمار اسپري ناهي ڪرايو ويو، جنهن ڪري بيمارين منهن ڪڍيو آهي. شھرين احمد الدين کوسو، محمد علي، سريش ڪمار ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته شھر ۾ وڌندڙ گندگي جو نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي.