شادي لارج (ن پ ا) ايل بي او ڊي سم نالي مٿان گذرندڙ شادي لارج واھ جو پڪو حصو ٽٽي پيو، پاڻي ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ضايع ٿيڻ لڳو. خبر موجب ايل بي او ڊي سم نالي مٿان گذرندڙ شادي لارج واھ جي چاليهن سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري پڪو حصو ڊهي پيو، جنهن ڪري پاڻي ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ضايع ٿيڻ لڳو. اهڙي صورتحال ۾ پوڇڙ وارن علائقن قبائلي چڪ، سنگل چڪ، اسحاق ڏيرو، پوڙهو لنڊ ۾ سوين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. بدين ضلع بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻ عزيز ڏيرو، شهباز پٺاڻ، افضل ملاح ۽ ٻين چيو ته اسان پوڇڙ جا زميندار اڳئي پاڻي نه هجڻ ڪري پريشان آهيون. جيڪڏهن شادي لارج واھ جي ٽٽل حصي جي مرمت نه ٿي ته پوچڙ واريون سوين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايل بي او ڊي سم نالي مٿان گذرندڙ واھ جي مرمت ڪرائي پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.