گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ۾ ڳوٺ صاحب ڏنو واسو جي رهواسڻ رشيدان خاتون واسو پنهنجي والده حاجاڻي خاتون ۽ ڀاءُ نظير احمد واسو سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته مڙس شوڪت علي واسو، ڏيرن عمران علي ۽ عرفان علي واسو جي چوڻ تي مونکي مري ۾ بند ڪري پاڻي ماني بند ڪري تشدد ڪري ظلم ڪندو آهي ۽ هفتو هفتو ڪمري ۾ بند ڪري والده ۽ ڀائرن سان به ملڻ نه ڏيندو هو ۽ مسلسل قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو هاڻ مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي والده حاجاڻي خاتون ۽ ڀاءُ نظير احمد واسو وٽ پناهه ورتي آهي احتجاج ڪندڙ متاثر عورت رشيدان خاتون واسو جو وڌيڪ چوڻ هو ته مڙس شوڪت علي واسو ۽ ڏيرن عرفان علي واسو ۽ عمران علي واسو مان مونکي والده ۽ ڀاء جي جان کي خطرو آهي معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي مڙس ۽ ڏيرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي,