خانپورمهر ( ن پ ا) ايم اين اي محمد بخش مھر چيو آھي ته ڪو به غير قانوني عمل برداشت نه ڪيو ويندو، بحريا ٽائون کي ملير جون سنڌي وسنديون ڊاهڻ ھرگز نه ڏنيون وينديون، اھڙن خيالن جو اظھار ھن خانڳڙهه ۾ پنھنجي رھائشگاھ تي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته ملير جي سنڌي وسندين کي ڊاھڻ بابت پارٽي چيئرمين جي ھدايتن تي سنڌ حڪومت جانچ ڪري رھي آھي ۽ ھن معاملي جو بھترين حل جلد ئي نڪري ايندو محمد بخش مھر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پيپلز پارٽي روٽي ،ڪپڙا ۽ مڪان جو رڳو نعرو ئي نه ڏنو آھي پر عملي طور عوام سان گڏ به آھي ۽ ھرگز ملير جي سنڌي وسندين ۾ رھندڙن کي بي گھر ٿيڻ نه ڏبو . سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته چونڊ سڌارن جي ڳالھ ڪندڙ ملڪ جو وزيراعظم ھڪ مشڪرو آھي جيڪو چونڊ نظام کي تباھ ڪري پاڻ کي سليڪٽ ڪرائي آيو . ٻئي پاسي گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي ھڪ وفد ساڻس ملاقات ڪري ساڍا ٽي سئو ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف سندس آڏو دانهيندي چيو ته ساڻن انصاف ڪرايو وڃي. جنھن بعد پ پ ايم اين اي محمدبخش مھر پاران لاڳاپيل کاتي جي صوبائي وزير ناصر شاھ سان رابطو ڪري کيس معاملي کان تفصيلي آگاھ ڪيو، جنھن بعد ناصر شاھ پ پ ايم اين اي کي خاطري ڪرائي ته متاثر ٿيل ملازمن کي ايندڙ هفتي تائين پگهارون جاري ڪرايون وينديون.