جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي  سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني جي رهواسڻ 20 ورهين جي شادي شده عورت سلميٰ ڌيءَ اسلم ميراڻي پنهنجي گهر ۾ پراسرار نموني فوت ٿي وئي وارث عورت کي اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي. پوليس موجب عورت جي پيءُ پوليس اهلڪار اسلم ميراڻي ٻڌايو ته واش روم ۾ پير ترڪڻ سبب سلميٰ بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال آندو ويو ته ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وارث بغير پوسٽ مارٽم جي لاش گهر کڻائي ويا آهن.