چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ۾ معمولي ڳالهه تان  گپچاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ اقبال پيٽرول پمپ وٽ جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ لتن مڪن لٺين ۽ سروٽن جو آزدانا استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب ھڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڄڻا اختر ولد احمدخان، نادر ولد سعيدخان، عثمان ولد جمع خان، غلام مصطفيٰ ولد حاڪم گپچاڻي زخمي ٿي پيا. زخمي نوجوانن جي وارث محمد خان گپچاڻي ٻڌايو ته ٻه ڏينھن پھريان ڪبوترن جي بازي تان ڇوڪرن جو پاڻ ۾ ڏند چڪ ٿيو جنهن بعد ڳوٺ جي نيڪ مردن رات فيصلو ڪري کير کنڊ ڪيو، صبح جو ڇوڪرا شھر ۾ مزدوري ڪرڻ آيا ته اسان جي مائٽن اسان جي ڇوڪرن مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.