رائونتي (ن پ ا) رائونتيءَ جي ڪچي واري  علائقي ۾ شر- سيلرا تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، ڳوٺ عمر شر تي هٿياربندن جي مبينا حملي ۾ ٽن سالن جي معصوم نينگري رشيده شر  پير ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي. ڌرين ۾ خوني تڪرار تان ٻيهر جهيڙي دوران گذريل ڏينهن هڪ ٻئي مٿان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جاري رهي. واضح هجي ته سيلرا- شر ڌرين ۾ ڪيترن سالن کان خوني تڪرار هلندڙ آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. شر برادريءَ جي عبدالڪريم شر ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته صبح جي وقت سيلرن ۽  ڌونڌو ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪيو، نتيجي ۾ معصوم رشيده زخمي ٿي پئي آھي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي وئي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.