جيڪب آباد (رپورٽر) جي يو آءِ  پاران شھر جي بنيادي مسئلن پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، گئس لوڊشيڊنگ، گندگي، ۽ نالين جو ڪم ناقص ڪرڻ خلاف جلوس ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، چاڪر خان جکراڻي، عبدالله نوناري ۽ ٻين  چيو ته جيڪب آباد لاوارث شهر بڻجي ويو آهي، 44 ارب جون ميگا اسڪيمن جا پئسا ھڙپ ڪيا ويا، 2 ارب رپين جي صاف ۽ مٺي پاڻي جي اسڪيم پوري ٿيڻ باوجود گندگي سان ڀريل پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، ترقياتي اسڪيمن جي نالي تي نالين ۽ روڊن جو ميگا ٽف ٽائيلس جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل، غلط ڊزائينگ ۽ صحيح پلاننگ نه هجڻ سبب ناڪاره ڪم ٿي رهيو آهي، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، ڪنو پاڻي روڊ تي بيٺل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. هوڏانهن  مختيارڪار غلام عباس سڌايو لڳل ڌرڻي واري هنڌ پهچي يقين ڏياريو ته اوهان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي ازالو ڪيو ويندو.