بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو ڳوٺ ڄام ميرل سانگي مان ناري اغوا معاملي تان ڳوٺاڻن مٿان مياڻي ٿاڻي تي اين سي داخل ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران ٻارن سميت  ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي طالب حسين، فداحسين،ظفر علي،امجد علي سانگي دانهيندي چيو ته  مسمات هميرا سانگي جي اغوا معاملي اسان اسان جو واسطو ناهي، بيگناهه اسان جي نوجوانن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.