جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال انتظاميا مبينا طور 5 هزار نه ملڻ تي ڳورهاري عورت بينظير کي اسپتال مان بيدخل ڪري ڇڏيو، بروقت آپريشن نه ٿيڻ سبب ڳورهاري عورت جي حالت خراب ٿي وئي، ان حوالي سان ڳورهاري عورت جي سس مسمات حرمت خاتون نُنهن سميت پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته باءِ پاس کان نُنهن بينظير کي ويم لاءِ جمس اسپتال آندو، اسپتال ۾ موجود اسٽاف داخل ڪرڻ لاءِ 5 هزار رشوت طلب ڪئي، غربت سبب پئسا نه ھئڻ تي بيدخل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب نُنهن کي تڪليف ٿي وئي ان جي حالت خراب ٿي وئي آهي، مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون، نوٽيس وٺي اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي پاسي جمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام حسين بروهي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو.