وارهه (ن پ ا) وارهه ڀرسان گهاڙ ڊرين کي لڳل گهارا بند نه ٿيا، پاڻي  شھر جي مختلف پاڙن ۾ وڌڻ لڳو، 10 ڏينهن گذرڻ باوجود شھر جي بجلي به بحال نه ٿي سگهي، لڏپلاڻ، ان ڏس ۾ وارهه شھر ٻاهران گهاڙ ڊرين ۽ تنيا مائينر کي لڳل گهارا مهينو گذرڻ باوجود انتظاميا بند ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن سبب پاڻي شھر طرف وڌڻ لڳو آھي، جڏھن ته پاڻي شھر جي 6 وارڊن جون 20 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي، جتان ماڻھون لڏ پلاڻ ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي ويا آھن ۽  ڪيترائي مسڪين متاثر ڪرايو نه هجڻ سبب شھر جي گل ٻرڙو روڊ،حمل روڊ،کنڊو روڊ ۽ نصيرآباد روڊ تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، جڏھن ته 10 ڏينهن گذرڻ وڃڻ باوجود شھر جي  گريڊ اسٽيشن مان پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو ۽ بجلي جي فراهمي بند آھي، ٻي طرف پ پ  ايم اين اي عامر مگسي ٻڌايو ته  گهاڙ ڊرين جي گهارن کي ٻڌڻ لاءِ هو هڪ لک رپيو ڏيڻ لاءِ  تيار آھي، وڌيڪ به ڪوشش ڪئي ويندي،ايم پي اي برهان خان چانڊيو چيو ته بجلي جي بحالي لاءِ  توانائي ۽ انرجي جي صوبائي  وزير امتياز شيخ سان ڳالهايو آھي،  اڄ  سيپڪو ٽيم پهچندي جيڪا بجلي جي بحالي لاءِ ڪم ڪندي ۽ جلد بجلي بحال ٿي ويندي، جيڪو خرچ ٿيو مان به ڀرڻ لاءِ تيار آھيان، هوڏانهن وڏيري علي حسن بروهي، عيد محمد بروهي ۽ ٻين پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي سمورن رهواسين کي ڪم ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.