حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ڇلگري ٿاڻي جي پوليس به مبينا مقابلي جي دعويٰ ڪندي هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته گشت دوران 2 شڪي ماڻهن سان پوليس جو مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿيو. سندس ساٿي فرار ٿي ويو. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري جي سڃاڻپ ذيشان عرف ڏاڏا جي نالي سان ٿي آهي جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب ته ڏوهاري جي ڪرمنل رڪارڊ مان ڄاڻ ملي آهي ته سندس خلاف فورٽ، ڦليلي، مارڪيٽ، سخي پير، سٽي، نسيم نگر ۽ ڇلگري ٿاڻن تي ڦرلٽ ۽ چورين جا مٿس 13 ڪيس داخل ٿيل آهن جڏهن ته سندس تعلق سرگرم ڏوهي گينگ سان آهي جنهن دوران هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي مختلف هنڌن تي شهرين کان ڦرلٽ ڪئي. سندس ساٿي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل شخص کي سي آءِ اي پوليس گرفتار ڪيو هو جنهن کي گذريل ڏينهن ڇلگري پوليس حوالي ڪيو ويو ۽ پوليس ڄنگهه ۾ گولي هڻي کيس هاف فراءِ ڪرڻ بعد مقابلي جي دعويٰ پئي ڪري.