جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) جيڪب آباد ۾ واپاري جي ڀائيٽي کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، شهرين جو احتجاجي مظاهرو، باءِ پاس تي ڌرڻو، واپاري جي فرياد تي 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، خبر موجب رائيس مل مالڪ واپاري دلدار گولاٽو جي ڀائيٽي انصار گولاٽو کان 4 هٿياربندن باءِ پاس تي ڪار ڦر ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع تي گولاٽو برادري جا سوين ماڻهو پهچي ويا، جن ٻن ڦورن رياض جکراڻي ۽ جميل جکراڻي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، گولاٽو برادري جي ماڻهن اغوا واقعي ۽ پوليس جي نااهلي خلاف باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئا، ايس ايڇ او مولاداد ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، ان موقعي تي واپاري دلدار گولاٽو جو چوڻ هو ته سندس ڀائيٽي انصار گولاٽو کان ڪار ڦري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بروقت اطلاع تي برادري جا سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا جن ٻن ڦورن کي پسٽل سميت سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو، پوليس پڪڙيل ڏوهارين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هوڏانهن آباد ٿاڻي تي واپاري دلدار گولاٽو جي فرياد تي جوابدار رياض جکراڻي، فياض جکراڻي ۽ جميل جکراڻي سميت هڪ اڻڄاتل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، هوڏانهن پڪڙيل ٻن ڦورن جميل جکراڻي ۽ رياض جکراڻي جو سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ هنن جو موقف سامهون آيو آهي ته واپاري جي ڀائيٽي انصار کي اغوا ڪرڻ ۽ ڪار ڦر ڪرڻ جا الزام ڪوڙا آهن، گولاٽو برادري جو نوجوان اسان جي زمين تي اچي اسان آڏو مڇون وٽيون جنهن معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي.