مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ڀرسان نيشنل ھاءِ وي تي وين ڪلٽي  ٿيڻ سبب 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻڍاڻي ٿاڻي جي سامھون خواجا بونڊري وٽ  ٽنڊو آدم کان حيدرآباد ويندڙ مسافر وين تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، 7 عورتن ھڪ ٻارڙي سميت 11ڄڻا زخمي ٿيا. زخمن ۾ مرتضيٰ، شمائلا، نائلا، حنيفان، مسڪان، انعم، ھڪ سال جو ٻارڙو عثمان، صيف الله، رحيمان ۽ ڪومل شامل آھن. ٻڍاڻي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي زخمين کي فوري طور حيدرآباد اسپتال روانو ڪيو.