ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ جي ريلوي ڦاٽڪ ويجهو مال جي واڙي تي اڻڄاتل هٿياربند هٿيار جي زور تي واڙي اندر داخل ٿي پورهيت عطاءُ محمد خاڪي کي رسن سان ٻڌي يرغمال بڻايو، پورھيت پنج ڪلاڪن تائين بيهوشي واري حالت ۾ پيو رھيو، پنج ڪلاڪن بعد واڙي جي مالڪ ناصر آرائين اچي يرغمال ٿيل پورھيت کي بيهوشي واري حالت ۾ رسن مان آزاد ڪيو. ان سلسلي ۾ پورھيت عطاءُ محمد ٻڌايو ته رات دير سان مان ننڊ ستل ھيس ته اوچتو سڄاڳي ٿي ته 4 ھٿيار بند ڇيلا کڻي وڃي رھيا ھئا منھنجي رڙين تي ھنن مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ منهنجا ھٿ پير ۽ منھن ٻڌي يرغمال بڻايو. شھرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ بدامني تي ضابطو آڻي شھر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.