جيڪب آباد (رپورٽر) مڪاني چونڊن جي ڇنڊڇاڻ دوران نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوارن پاران عدالت ۾ پٽيشن داخل خبر موجب جميعت علماءِ اسلام ۽ آزاد اميدوارن پاران مڪاني چونڊن جي ڇنڊڇاڻ جي عمل دوران آر اوز پاران نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ وڪيلن جي معرفت پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بنا ڪنهن سبب جي اقتداري ڌر جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ فارم رد ڪيا ويا آهن  جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي جي مختلف وارڊن تي آزاد اميدوارن نويد علي، زين العابدين، محبت علي، فيصل نظير، ايڊوڪيٽ طاهر رند ۽ ٻين نامزدگي فارم بحال لاءِ درخواست داخل ڪرائي جڏهن ته جي يو آءِ جي اميدوارن مولانا سليم ﷲ بروهي، خوشحال خان، محمد خان، اسدﷲ حيدري ۽ ٻين به پٽيشن داخل ڪرائي آهي ان سلسلي ۾ جي يو آءِ جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ٻڌايو ته ضلعي ۾ مختلف يوسيز ۽ وارڊن تي اميدوارن جا نامزدگي فارم بغير سبب جي رد ڪيا ويا آهن جن خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي عدالت مان انصاف جي اميد آهي هن چيو ته اقتداري ڌر ڌانڌلي ذريعي ڪامياب ٿيڻ گهري ٿي پر ميدان ڪنهن به صورت ۾ خالي نه ڇڏيو ويندو.