ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي قائم ڪولاچي موري وٽ رائيس ڪئنال تي ٺهيل  پراڻي پل تان ڪجهه شرپسند ماڻھو روزانو جي بنياد تي لوهي سيخون ڪڍي ڪٻاڙي جي دڪانن تي وڪرو ڪرڻ لڳا آھن، جنهن سبب پل ڪمزور ٿيڻ شروع  ٿي وئي آھي. پل مان سيخون چوري ٿيڻ واري عمل کان ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس آبپاشي کاتو توڙي  موٽروي پوليس ۽ لاڳاپيل انتظاميا اگهور ننڊ پيل آھي. پل مان سيخون ڪرڻ سبب ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو ڳوٺاڻن موجب پل ڪرڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن سان زميني رستو ڪٽجي ويندو ۽ پاڻي جي فراهمي معطل ٿي سگهي ٿي ڳوٺاڻن پاران قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آھي