ڀرياسٽي ( ن پ ا ) ڀرياسٽي ٽائون ڪاميٽي جي اميدوارن جا آر او ڀرياسٽي اسسٽنٽ ڪمشنر شاھد سرڪي ۽ ٽي آر او مختيار ڪار روينيو نياز اڄڻ پاران  پي ٽي آءِ جي رد ڪيل سڀني اميدوارن ايڊووڪيٽ نثار ملاح، ارشاد راجپوت، غلام حسين راجپوت، ذوالفقار راجپوت، عابد راجپوت، ضمير ميمڻ ۽ ٻين جا نامزدگي فارم سيشن ڪورٽ نوشھروفيروز  بحال ڪري ڇڏيا ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ نثار ملاح ٻڌايو ته سيشن ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ ڀرياسٽي جي سڀني اميدوارن جا فارم بحال ڪندي ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين کي حڪم ڏنو آھي ته اميدوارن تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ کين حراسان نه ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر شاھد سرڪي حڪومتي ڌر جي چوڻ تي اسان جي اميدوارن جا نامزدگي فارم بلاجواز رد ڪيا ويا هئا جيڪي بحال ٿي ويا آھن.