جيڪب آباد (رپورٽر) جي يو آءِ پاران ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني، بلاجواز گرفتارين ۽ پوليس زيادتين خلاف تعلقي امير مولانا عبدالجبار رند، ھيومن رائيٽس جي چاڪر خان جکراڻي، ٽريڊ اڳواڻ عبدالحميد کوسو، ختم نبوت جي عابد ابڙو، اي پي سي جي عبدالقدير ٻرڙو، تاج محمود امروٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته بلوچستان کان ايندڙن کي پوليس بلاجواز تنگ ۽ گرفتار ڪري انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهي آھي. هنن چيو ته پوليس جي بلاجواز گرفتارين، زيادتين ۽ بي گناھن کي ھاف فراءِ ڪرڻ جا انڪشاف ۽ غير انساني سلوڪ کان عوام تنگ ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتين جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي غير انساني سلوڪ بند ڪرائي ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.