راڻيپور: حضرت سچل سرمست جي سجاده نشين خواجه عبدالحق فاروقي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب درگاهه حضرت سچل سرمست ۾ ڪنھن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. روضي جي گنبذ ۾سوراخ پئجي ويا آهن. مير رستم خان ٽالپر جي دور ۾ ٺهيل روضو نئين سر تعمير نه ٿي سگهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته درگاهه جي مرمت جي آڙ ۾ ڪامورن کي صرف فنڊ کائڻا آهن، اوقاف کاتي کان سچل سائين جي روضي جي سارسنڀال نٿي ٿئي ته مزار اسان کي واپس ڪيو، اسان پاڻ چندو ڪري به سچل سائين جي روضي کي ٻيهر تعمير ڪرائينداسون. اوقاف کاتو عقيدتمندن کي هڪ ويلو ننگر نٿو ڏئي سگهي، ان جو بل مان پاڻ ڀريندو آهيان آهي، ڪامورن جي درگاھ جي پيٽين ۾ نظر هوندي آهي. عرس جي موقعي تي پيٽين ۾ ڪروڙين رپيا جمع ٿيندا آهن. اهي ئي خرچ ڪيا وڃن ته به روضو ٻيهر تعمير ٿي ويندو پر ڪامورن کي ڪم ڪرڻو ناهي، مال کائڻو آهي درگاھ جي سيڪيورٽي به مذاق بڻجي وئي آھي.