حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سي آءِ اي پوليس سائيٽ واري علائقي ۾ زرعي دوائن جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ جعلي زرعي دوائون، غير معياري ڀاڻ ۽ مختلف ڪمپنين جا برانڊ اسٽيڪر هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي امجد احمد شيخ کي علائقي واسين شڪايتون ڏنيون جنهن تي هن سي آءِ اي انچارج منير عباسي کي ڪارروائي جو حڪم ڏنو جنهن بعد سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري فيڪٽري تان مالڪ علي رضا شيخ کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته فيڪٽري مان 368 ٻوريون جعلي ڀاڻ جون هٿ ڪيون جنهن ۾ 50 ٻوريون جعلي سپر سبز ايم پي نائيٽرو فاس، 50 ڊي اي پي جعلي اينگرو ڀاڻ، غير معياري ڀاڻ جون 250 ٻوريون ۽ زرعي ڀاڻ زرخيز پلس جا 8 ڪٽا شامل آهن. اهڙي ريت فيڪٽري تان زرعي دوا پانڊا جون 10 ٻوريون، ڪارٽون، سيلفر بيٽنو فائٽ سان ڀريل هڪ ٻوري ۽ ڪپهه جي اصلي ٻج جا 10 ڪٽا به هٿ ڪري ورتا آهن. ترجمان دعويٰ ڪئي ته فيڪٽري مان 117 خالي بوتلون زرعي دوائن جون هٿ ڪرڻ سان گڏ هڪ عدد ٽرالي، 6 بيلچا، ڪيميڪل جا بيگ، مونو گرام، ٻورين کي سبندڙ اليڪٽرڪ مشين، اليڪٽرڪ ڪانٽو، بينرز ۽ ٻيو ڪيترو ئي سامان هٿ ڪري ورتو آهي. سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل فيڪٽري سان 3 مالڪ آهن جنهن مان 2 فرار ٿي ويا.