جيڪب آباد (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي نااهلي سامهون اچي وئي، مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ رٽائرڊ ٽيچر محمد عالم کوسو ۽ چوڪيدار انيس بنگلاڻي کي پرزائيڊنگ  آفيسر طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي. رٽائرڊ ٽيچر محمد عالم کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽي مهينا اڳ ايچ ايس ٽي طور رٽائرڊ ٿي ويو آهيان، ان باوجود پي او ۽ اي پي او جي ڊيوٽي واري لسٽ ۾ نالو شامل ڪيو ويو آهي، آر او ۽ اليڪشن ڪميشن کي رٽائرڊ ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اھڙي عمل خلاف جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اليڪشن ڪمشنر جي نااهلي آهي پرزائيڊنگ آفيسر لاءِ رٽائرڊ استاد ۽ چوڪيدار جو نالو شامل ڪرڻ ڌانڌلي جي شروعات آهي ڇو ته اليڪشن ڪمشن ۽ آر اوز صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نااهلي جو نوٽيس وٺي. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر زاهد علي ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هيڊ آف ڊپارٽمينٽ وارن کان لسٽ ورتي وئي اگر ان ۾ غلطيون آهن ته درست ڪيو ويندو.