عمرڪوٽ/ڊگھڙي/ڍورونارو (نمائندن وٽان) مڪاني چونڊن جي حوالي سان جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو ڊگهڙي، عمرڪوٽ ۽ ڍورو نارو ۾ جلسي توڙي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب  ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻيٽن، سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي نياڻين جي عزت جي جنگ صرف اسان وڙهي رهيا آهيون، اسان جا ڪارڪن جاگيردارن خلاف اليڪشن وڙھڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهن، هن چيو ته  انقلاب لاءِ گھرن مان نڪرڻو پوندو، مولانا  راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ اميدوارن کي ھٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڪنهن به اميدوار کي ڪجھه ٿيو ته خاموش نه ويهنداسين.